بزم ادب لاڙڪاڻو

بزم ادب لاڙڪاڻو: پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي جي پھرين ادبي تنظيم، جنھن جو باني عبدالصمد ’ساز‘ رضوي ۽ پھريون معتمد سيد احمد (مرحوم) هئا. اداري جو نالو سڀ کان اول ’هَري درياڻي دلگير‘ تجويز ڪيو هو. اداري جي قيام جو بنيادي مقصد علم ۽ ادب کي وڌائڻ، اديبن ۽ شاعرن کي ادبي پليٽ فارم فراهم ڪرڻ هو ته جيئن عام ماڻهن ۾ علمي ۽ ادبي شعور پيدا ٿئي. ’بزم ادب‘ جي عمارت ’رضوي اسٽريٽ‘ ۾ قائم هئي. هن اداري طرفان ڪيترائي سنڌي، اردو مشاعرا ۽ بزم جي آفيس ۾ هر هفتي شعري نشست ٿيندي هئي. ڪجهه عرصي کانپوءِ هن بزم جون سرگرميون آهستي آهستي ختم ٿي ويون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو